ٻاجهي فقير لغاري

ٻاجهي فقير لغاري

ٻاجهي فقير لغاري

ٻاجهي فقير لغاري: ٻاجهي فقير لغاري ڳوٺ دريڙي، لڳ ڪوٽ نواب، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ 1920ع ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اٻاوڙي مان لڏي اچي ڳوٺ دريڙي ۾ رهيا. ٻاجهي فقير پرائمري اسڪول ۾ چار درجا سنڌي پڙهيو. ان کانپوءِ هارپي ۽ مزدوريءَ سان گڏ مال چاريائين. صوفياڻي شاعري ڪيائين. جتي به ڪنهن دوست سان ملاقات ٿيندي هئس ته پنهنجي شاعري ان کي ضرور ٻڌائيندو هو. سندس شاعريءَ جو نمونو صوفي رکيل شاهه، بيدل ۽ ٻُڍل فقير جي ڪافين جي رنگ ۾ ڇپيل آهي. سندس ڪافين جو بياض موجود آهي، ٻاجهي فقير ڪنڌ هيٺ ڪري، پنهنجي ڌن ۾ هلندو هو. هن کي اڪثر ”ٻوڙو“ ڪري سڏيندا هئا. حياتيءَ جي آخري سالن ۾ ميرپورماٿيلي جي ڳوٺ داد لغاري ۾ لڏي وڃي ويٺو، جتي 1990ع ۾ 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ داد لغاري ۾ آهي. (حوالو: ’ڪافيون‘ ڊاڪٽر نبي بخش لغاري )


لفظ ٻاجهي فقير لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1920  عيسوي

ٻاجهي فقير لغاري ڳوٺ دريڙي ، لڳ ڪوٽ نواب ، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ 1920ع ۾ جنم ورتو .


00.00.1990  عيسوي

ٻاجهي فقير 1990ع ۾ 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سلطان بخاري
رامداس سوامي
دريا خان ڪلهوڙو
شبنم گل
سڀائي مائي
سلامي ملا
فقير عبدالله مسڻ صوفي
چانڊيو زخمي
راڄڙ ولي بخش
شاهده کوکر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون